¨ رپورٽون آهن ته پ پ جي فرحت الله بابر ۽ ٻين افغانين سميت غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي واري موجوده نگران وفاقي حڪومت جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي.
¨ درخواست ۾ وفاق، صوبن، نادرا، پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته وڏي انگ ۾ پرڏيهين جي نيڪالي واري فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙن جي شهريت سندن حق آهي.
¨ اهو چئلينج ملڪ جي ان وفاقي جماعت ڪيو آهي جيڪا رڳو هاڻي سنڌ تائين محدود ٿي چُڪي آهي، جنهن کي رڳو سنڌ مان سنڌي ووٽ ڏيندا آهن. ۽ سنڌ اهو صوبو آهي جنهن ۾ ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. يعني ڌاري آبادڪاري جي سڀ کان گهڻي مخالفت سنڌ مان ئي ٿيندي رهي آهي.
¨ پ پ جيڪڏهن پاڻ کي سنڌ جي نمائنده اقتداري سياسي جماعت سمجهي ٿي ته اصولي طور تي سنڌ جي مفاد واري مئنڊيٽ جو احترام ڪندي انکي غيرقانوني پرڏيهين جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي. ان سان پ پ کي سنڌ ۾ سياسي طور وڏو نقصان رسندو.
¨ حيرت جي ڳالهه آهي ته پ پ ايئن ڪڏهن به سنڌ دشمن فيصلي خلاف عدالت ۾ ناهي وئي، نه ئي ڪنهن وڏي عوامي اشو مهانگائي وغيره گهٽائڻ لاءِ عدالت ۾ وئي آهي، وئي به آهي ته ڌاري آبادي جي حمايت ۾ وئي آهي!
¨ اصولي طور تي انهن غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو فيصلو پ پ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي ها ان سان سندس مقبوليت جو گراف سنڌ جي سياسي حلقن ۾ تمام گهڻو وڌي وڃي ها.
¨ هاڻي اهو فيصلو انوارالحق جي موجوده نگران حڪومت، ڪمزور معيشت جي آڙ ۾ ڌارين جي آبادي جو بار گهٽائڻ لاءِ ڪيو آهي ته پ پ کي سونهري موقعو هو ته ان فيصلي جي حمايت ڪري سنڌ جي عوام ۾ پنهنجي ساک بهتر ڪري ها پر الٽو ان ڌاري آبادڪاري جي حمايت ڪري پنهنجي پيرن تي ئي ڪهاڙو هنيو آهي.
¨ ان کان اڳ پ پ جي نثار کهڙي پڻ بنگالين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪري سنڌ جي سياسي حلقن ۾ پنهنجي مخالفت وڌائي هئي.
¨ غيرقانوني طور رهيل پرڏيهين ڏسجي ته اهي نه رڳو سنڌ جي معيشت ۽ ان جي وسيلن تي غير ضروري بار آهن، سنڌين جي نوڪرين تي استحصال آهن پر سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ به انهن جو وڏو حصو رهيو آهي، ٻيو ته ڇڏيو پر سنڌ ۾ رهندي سنڌين کي ڪراچي ۾ برداشت ناهن ڪندا ۽ انهن سان وڙهندا رهندا آهن.
¨ مطلب ته ڌاري آبادڪاريءَ هر حساب سان سنڌ کي نقصان ڏنو آهي، پ پ جي به اها خوشفهمي آهي ته ڪو ڌاري آبادڪاري جي حمايت ڪندي ته اها کين ووٽ ڏيندي، اها وري به ماضي وانگر پنهنجن کي ئي ووٽ ڏيندي.
¨ اسان جو خيال آهي ته پ پ ڌاري آبادڪاري جي نيڪالي جي حمايت ۾ نه هئي ته ان کي خاموش ئي رهڻ گهرجي ها. عدالت ۾ وڃڻ جو ايڏو قدم نه کڻڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته اهو عمل سنڌ ۽ سنڌين خود پ پ جي مفاد ۾ ناهي. خاص ڪري اليڪشن جي موقعي تي پ پ کي اهڙو سنڌ دشمن عمل نه ڪرڻ گهرجي ها.
¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پ پ جيڪا هاڻي رڳو سياسي طور سنڌ مان سنڌين وٽان ووٽ کڻندي رهي آهي سا لڳي ٿو ته ڌاري آبادڪاري کي سنڌ ۾ رهائڻ جي حمايت ڪري پاڻ کي ملڪ جي ٻين صوبن جيان سنڌ مان به ”نيڪالي“ ڏياري ڇڏيندي.