ڊي سي ڏکڻ جي هدايت تي ڪارروائيون، سرڪاري اگهن تي عمل نه ڪندڙ دڪان سيل، ڏنڊ لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊي سي ڏکڻ جي هدايت تي سرڪاري اگهه تي طئي ٿيل شيون وڪرو نه ڪرڻ تي ڪيترائي دڪان سيل ڪري ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هٿرادو مهانگائي ڪندڙن، منافعي خورن ۽ ذخيري اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون جي هدايت تي ڪارروائي جاري آهن.
اڄوڪي ڪارروائين جي نتيجي ۾ سرڪاري اگهن تي طئي ٿيل شيون وڪرو نه ڪرڻ تي ڪيترائي دڪان سيل ڪيا ويا ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، مجموعي طور 30 دڪاندارن تي 4 لک 15 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، 4 ميڊيڪل اسٽورن کي بنا لائسنس، ٽيمپرڊ ۽ وڌيڪ اگهه تي دوائون وڪرو ڪرڻ تي سيل ڪيو ويو.
ڏنڊ ڪراچي ڏکڻ جي سب ڊويزن، سول لائنز، صدر، گارڊن، آرام باغ جي دڪاندارن تي لاڳو ڪيو ويو.
ڊي سي ڏکڻ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، هٿرادو مهانگائي ڪندڙن، ذخيري اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وڃن.
اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ پرائز ڪنٽرول ٽيمن تي ٻڌل آفيسر اگهن تي ضابطي جي حوالي سان پرائز ڪنٽرول سرگرميون جاري رکندا.
ڊي سي ڏکڻ طرفان پرائز ڪنٽرول سرگرميون ڪرڻ جو مقصد شهرين کي سرڪاري اگهن تي طئي ٿيل ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.