اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي آهي، ان جا وڏا نتيجا نڪري سگهن ٿا، ناليواري تجزئي نگار عاصمه شيرازي چيو آهي ته آءِ ايس آءِ نظرثاني فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، چيف جسٽس پيمرا چيئرمين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايئن لڳي رهيو آهي ته پيمرا چيئرمين ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي،ان ڪيس ۾ رياست پاڪستان جي سمورن ادارن جي ڪارڪردگي وائکي ٿي چڪي آهي، جنرل(ر) فيض حميد جي حوالي سان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن،ان ڪيس ۾ ڳجهيون ايجنسيون، ميڊيا،اليڪشن ڪميشن ملوث آهن، رياست جو ڌرڻو جي حوالي سان فائنڊنگ رپورٽ اڳ ئي چڪي هئي، ان تي عمل نه ٿيو، عمران خان حڪومت جا پنهنجا مفاد هئا، اها حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان آيل هئي، اهو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان اهم ڪيس ثابت ٿي سگهي ٿو ،پاڪستان جو رخ درست ڪري سگهي ٿو، اهو ڪيس پاڪستان ۾ ڊائيلاگ ۽ مڪالمي جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، اهو ڪيس ٽرٿ اينڊ ري ڪنسليشن کي جنم ڏئي سگهي ٿو، اها ڪميشن سچائي ڳولي سگهي ٿي،هن چيو ته اهو ڪيس ثابت ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان جي ادارن، اسٽيبلشمينٽ، ايجنسين جو ڪهڙو ڪردار هو، ان ڪيس کانپوءِ ٽي ايل پي مضبوط ٿي، توهين مذهب جا واقعا وڌيا،سياستدانن کي هراسان ڪيو ويو، هن چيو ته فوج ۽ آءِ ايس آءِ انهن ماڻهن کي ڳولي ۽ سزا ڏئي،عاصمه شيرازي چيو ته اينڪر وجاهت ايس خان ٽوئيٽر تي دعويٰ ڪئي آهي ته ارشد شريف کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ لاءِ جنرل(ر)فيض حميد ڪردار ادا ڪيو، وجاهت ايس خان هميشه پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهيو آهي، ايئن ته نه پيو لڳي ته فيض حميد جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي،