ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو انهن ستارن مان هڪ آهي جنهن غزه اسرائيل جنگ تي کليل نموني پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
بپاشا باسو سوشل ميڊيا تي ڪجهه دل ڏکائيندڙ تصويرن سان لکيو آهي ته اسان کي مذهبي مسئلن کي ڇڏي انسانيت جي خاطر هن جنگ کي ختم ڪرڻ گهرجي.
بپاشا باسو طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ 2 ٻار غزه جي جنگ ۾ زخمي ٿيل ماءُ کي سڏيندي نظر اچن ٿا.
افسوس جو اظهار ڪندي بپاشا چيو ته اسان ماڻهن کي به ڪجهه وقت لاءِ انسانيت بابت سوچڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪوبه مذهب يا جنگ معصوم زندگين جي قيمت بيان نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان کان وڌيڪ اهم ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي.
رپورٽن مطابق غزه تي بمباري ۾ هينئر تائين 8400 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان 4500 رڳو معصوم ٻارڙا آهن.
بپاشا کان سواءِ بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور به ان حوالي سان ڳالهايو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪو ٿي رهيو آهي اهو غلط ٿي رهيو آهي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن ٻن اداڪارائن کان علاوه بالي ووڊ ۾ هر طرف خاموشي نظر اچي رهي آهي.