يقينن اوهان به اهڙن پاڪستاني مداحن مان آهيو آهيو جيڪي اڃا تائين ٽيم جي ورلڊ ڪپ سيمي فائنل تائين ڪواليفاءِ جا خواب ڏسي رهيا آهن.
ڀارت ۾ جاري ورلڊ ڪپ جي سٺي شروعات ڪندي پاڪستان پهريان نيڌرلينڊز کي شڪست ڏني پوءِ سريلنڪا خلاف تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر 14 آڪٽوبر تي پاڪ ڀارت ميچ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو.
هاڻي ان معاملي تي ڏسون ٿا ته پاڪستان ڪيئن سيمي فائنل ۾ اچي سگهي ٿو.