غزا جا شهري جنگ کي فيصلو ڪندڙ مقابلو سمجهن، ڪاميابي اسان جي ٿيندي:حماس

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز جي ترجمان ابو عبيدا چيو آهي ته اسرائيل جي جارحيت ۽ رتوڇاڻ هولو ڪاسٽ کان وڌيڪ آهي، غزا جا شهري ان جنگ کي فيصلو ڪندڙ مقابلو سمجهن ۽ اسان سان گڏ بيهن.
هڪ بيان ۾ القسام برگيڊ جي ترجمان ابو عبيدا چيو ته دشمن روز زميني ڪاررواين جون ڌمڪيون ڏئي رهيا اهن. اسان به انتظار ۾ آهيون ته دشمن کي نئين قسم جي موت جو مزو چکايون، اسان جي ماڻهن کي يقين رکڻ گھرجي ته ڪاميابي ٿيندي.
ترجمان دعويٰ ڪئي ته حماس طرفان جوابي ڪارروايون جاري آهن، القسام برگيڊ جي حملي ۾ اسرائيلي فوج جي بڪتربند تباهه ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن حزب الله جا به اسرائيلي فوجين تي حملاجاري آهن جن ۾ فوجي گاڏيون تباهه ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي.
ٻي پاسي حماس جي سينيئر عهديدار علي براڪه جو چوڻ هو ته اسرائيلي فورسز سڄي رات غزا تي زميني حملا ۽ بمباري ڪئي پر غزا تي اسرائيل فوج جو ٽي طرفو حملو ناڪام ٿي ويو هو.
هن چيو ته غزا تي حملي ۾ دهشمن کي فوجين ۽ سامان جي لحاظ سان ڳرو نقصان ٿيو، دشمن ڪيترن ئي محاذن تي فلسطيني مزاحمت جي تيار ڪيل ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي.
حماس جي عهديدار ٻڌايو ته اسرائيلي حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ روسي ٽينڪ شڪن ميزائيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ياسين ميزائيل استعمال ڪيا ويا، اسرائيلي فوج هيليڪاپٽرن سان زخمين ۽ لاش کي ڪڍيو.
اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اتر غزا ۾ گذريل رات داخل ٿيندڙ اسرائيلي فوجي اڃا به موجود آهن، فلسطيني انڪليوو ۾ فوجي ڪارروايون وڌايو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.