گورنمینٽ بوائز ھاء اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ رياضي جو ھفتو ملھايو ويو.
رياضي جي ھن ھفتي ۾ شاگردن وچ ۾ مختلف مقابلا ڪرايا ويا. شاگردن مشهور تاريخي رياضي دانن ۽ رياضي جي مختلف شاخن بابت چارٽن ذريعي ٻين شاگردن کي بھترين ڄاڻ ڏني جڏهن ته شاگردن رياضي جا مختلف ماڏلز پڻ ٺاھيا.
مقابلي ۾ مضمون جي استاد محمد صفدر ٺٽوي شاگردن کي رياضي جي علامتن بابت ڄاڻ ڏني ۽ شاگردن وڏي مھارت ۽ دلچسپي سان علامتن کي سڃاڻي درست جواب ڏنا ان انوکي نوعيت جي مقابلن ۾ شاگردن جوش سان حصو ورتو.
شاگردن کي مشھور تاريخي رياضي دانن موسي الخوارزمي، يعقوب الڪندي، جابر البتاني ۽ ٻين جي ڪارنامن، مشاھدن ۽ خدمتن بابت شيٽن تي تصويرون لگائي ڄاڻ فراہم ڪئي وئي.
شاگردن رياضي جي اھم شاخن سيٽ، ناطق عدد، ڏھائي نظام، في سيڪڙو، نسبت تناسب ۽ جاميٽري پوسٽرن ذريعي انهن جي اھميت متعلق بھترين ڄاڻ ڏني جڏهن ته شاگردن وچ ۾ جاميٽري جون شڪليون ٺاھڻ جو مقابلو پڻ منعقد ڪيو ويو.
مقابلي ۾ شاگردن محنت ۽ مھارت سان جاميٽري جون شڪليون ٺاھي انهن ۾ رنگ ڀري خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو. هفتي جي آخري ڏينهن استاد محمد صفدر ٺٽوي ڪامياب شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ادبي ڪتاب انعام طور ورھايا.