سامارو:آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

سامارو ۾ سڀ ڊويزن جي آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

سوين آبادگارن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد سامارو ـ ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب  ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي بادگارن گهمن ڪالرو . عبيدالله دونڪائي . جميل ميئو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانيندي چيو ته سب ڊويزن ساماري جي  مٺڙائون ڪينال مان اسان جي واٽر ڪورس 3R کاڻي موري کان زمينن کي پاڻي ملي ٿو آبپاشي عملي هٿرادو وارابندي جو بهانو ٺاهي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي.

هنن چيو ته پاڻي بند هجڻ سبب ڪڻڪ جو فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيو پيسن عيوض بااثر زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته وارابند ختم ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.