جهانيان (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جهانگير ترين چيو آهي ته اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين، جنهن جو خواب 10 سال اڳ ڏٺو هو.
جلسي سان خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته اسان سڀ گڏجي نئون پاڪستان ٺاهينداسين، 10 سال اڳ بهتر پاڪستان ٺاهڻ لاءِ گڏ ٿيا هئاسين، افسوس اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو.
هن چيو ته اسان 10 سال پي ٽي آءِ ۾ محنت ڪئي، عمران خان وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي ويهي سڀني کي هڪ هڪ ڪري هٽايو، اڄ اسان اڻ پوري مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اسان لاءِ شخصيت نه عوام ۽ ملڪ اهم آهي، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪهڙي سياسي جماعت بهتر آهي، عوام جي فيصلي سان ئي ملڪ جي تقدير تبديل ٿي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو اهڙو ملڪ ٺاهينداسين جو نوجوان ٻاهر نه وڃن، زراعت جو شعبو اسان جي ترجيح هوندو، هارين کي پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نه اچڻو پوندو، کين تحفظ ۽ عزت ڏينداسين، اسان نعرن نه عملي قدمن لاءِ حڪمت عملي ڪئي آهي.
You might also like