ڪوٽڙي جي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي انتظاميا جي لاپرواهي گلن جهڙي معصوم ٻارڙي جي حياتي کسي ورتي
ٻٻر اسٽاپ واسي ساجد کوکر جي ٻن ورهين جي معصوم ڌيءَ دعا گهٽيءَ ۾ راند ڪندي گٽر ۾ ڪري پئي
گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور تي اسپتال آندو پيو پر سندس حياتي نه بچي سگهي.
گهڙيءَ کيِل ۾ ٻهڪندڙ معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهتو ته سندس وارثن کي بيهوشي جاءَ دورو پوڻ لڳا
علائقي واسين ٻڌايو ته ميونسپل ٻولهاڙي جي اڪثر علائقن ۾ گٽر کليل آهن جنهن جي ڪري اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ڪيتريون ئي زندگيون ضايع به ٿي چڪيون آهن
هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، تدارڪ ڪري انساني زندگيون بچايون وڃن
Prev Post
You might also like