نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت سٺو کاڌو نه پچائڻ تي مڙس زال مان جان ڇڏائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هڪ مڙس زال جي سٺو کاڌو نه پچائڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پهتو.
ڀارتي مِيڊيا موجب مڙس زال تي الزام لڳايو ته هن جي زال کيس مائٽن جي آڏو بي عزت به ڪندي آهي ۽ جهيرو ڪري هوءَ ڌار به رهي ٿي جڏهن ته هڪ ڀيرو زال کي ٿڪ به هنئين هئي پر بعد ۾ هن معافي ورتي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب زال مڙس جي سڀني الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي انهن کي رد ڪندي چيو ته سندس مڙس هن کي حق ناهي ڏيندو ۽ هن تي ٺٺول ڪندو آهي، مڙس ذهني بيمار به آهي ۽ ڊاڪٽر جي هدايت موجب دوا به ناهي کائيندو.
ميڊيا رپورٽس موجب جڏهن اهو ڪيس عدالت ۾ ويو ته جج ٻڌڻي دوران چيو ته ڪنهن کي سٺو کاڌو نه پچائڻ سبب طلاق نٿي ڏئي سگھجي جنهن کان پوءِ عدالت طلاق جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
Prev Post