ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) اڳوڻي وڏي وزير جي خاص مددگار بنده علي لغاري گاڏي واپس نه ڪئي، سروس جنرل کاتي رپورٽ اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏي.
الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان پنج آڪٽوبر 2023 تي سنڌ جي نگران حڪومت کي هڪ ليٽر ذريعي اڳوڻي سنڌ ڪابينا کان سرڪاري گاڏيون ۽ سرڪاري گهر واپس ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو، جنهن جي روشني ۾ سنڌ جي سروس جنرل ايڊمنسٽريٽر کاتي طرفان 6 آڪٽوبر تي سنڌ ڪابينا جي ٽن اڳوڻن خاص مددگارن کي گاڏيون واپس ڪرڻ جا فائنل نوٽيس سندن گهرن جي پتي تي اماڻايا ويا هيا.
اهڙي خط لکڻ ۽ عوامي آواز ۾ خبر لڳڻ کانپوءِ اڳوڻن خاص مددگارن مان ٻن ڄڻن شهزاد ميمڻ ۽ بنگل خان مهر سرڪاري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون، جڏهن بنده علي لغاري گاڏي واپس ناهي ڪئي.
You might also like