سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اولهه هوائن جو سسٽم داخل ٿي رهيو آهي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ برفباري جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو هڪ سسٽم 16 کان 21 آڪٽوبر تائين ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو ۽ اهو سسٽم ايران رستي بلوچستان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.
جواد ميمڻ موجب ان سسٽم تحت ملڪ جي مختلف هنڌن تي برساتن ۽ اترين علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي وچولن ۽ مٿين علائقن ۾ به برساتون پئجي سگهن ٿيون، سنڌ جي ڏاکڻي پاسي به سسٽم جا ڪجهه اثر رهندا، جنهن سبب ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
هن ٻڌايو ته ٻيو اولهه هوائن جو سسٽم سياري ۾ ملڪ تي اثرانداز ٿيندو، جنهن دوران معمول يا ان کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.