اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان قانوني دستاويز رکندڙ افغان شهرين کي پاڪستان ۾ عارضي طور رهڻ جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب پي او آر يا اي سي سي ڪارڊ رکندڙ افغان پناهگير پاڪستان ۾ رهي سگهندا، قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگيرن کي تحفظ حاصل هوندو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا جي ايندڙ فيصلي تائين رجسٽرڊ افغان پناهگير عارضي طور رهي سگهندا.
نوٽيفڪيشن ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار نه ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like