نيوزيلينڊ جي حڪمران جماعت فلسطينين لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي حڪمران ليبر پارٽي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان ٻيهر چونڊجي وياسين ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪنداسين.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيوزيلينڊ جي حڪمران ليبر پارٽي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن 14 آڪٽوبر تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجي وياسين ته فلسطين جي رياست کي تسليم ڪنداسين.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ سرڪاري طور تي فلسطين کي هڪ خود مختيار رياست تسليم ناهي ڪيو پر نيوزيلينڊ اسرائيلي قبضي جي مسلسل مذمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.