24 کان وڌيڪ سرڪاري آفسرن سان لاڳاپا رکي کين لُٽيندڙ عورت نيٺ پڪڙجي پئي!

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد واقعو سامهون آيو، ڊاڪٽر بڻجي دوکي سان سرڪاري آفيسرن سان دوستين کانپوءِ بليڪ ميل ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي آپريشنز ڪاشف آفتاب عباسي موجب هري پور سان واسطو رکندڙ عظميٰ سرڪاري آفيسرن سان واسطا رکي کين بليڪ ميل ڪندي هئي، ان خلاف سڄي ملڪ جي مختلف ٿاڻن ۾ 12 کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل آهن.
پوليس موجب عورت پاڻ کي ڊاڪٽرياڻي ظاهر ڪري سرڪاري آفيسرن سان دوستيون ڪندي هئي ۽ پوءِ انهن کان پئسا ۽ ٻيون شيون وصول ڪندي هئي.
ايس ايس پي آپريشنز ٻڌايو ته عورت گذريل مهيني هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊائريڪٽر کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو ۽ پوءِ ان کان ٻه قيمتي موبائل فونز ۽ 18 لک رپيا طلب ڪيا.
عورت جي گرفتاري ان جي پنهنجي شڪايت کانپوءِ جاچ ڪرڻ تي عمل ۾ آئي، عورت لاڳاپيل آفيسر خلاف پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي پر پوليس موجب جاچ ڪرڻ تي عمل ٿيو ته عظميٰ بليڪ ميلر آهي.
عورت هيل تائين 24 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن کي لُٽي چڪي آهي، جن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، پوليس سميت ٻيا شامل آهن.
پوليس موجب عورت گذريل 10 ورهين کان اهو ڪم ڪري رهي آهي، جنهن خلاف ماضي ۾ رحيم يار خان، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.