واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪنساس ۾ 5 سالن جي ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي جنهن کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو.
نيو يارڪ پوسٽ موجب 5 سالن جي زوئي کي سندس ماءُ گهران ڪڍي ڇڏيو هو هڪ بي گهر ڪيمپ ۾ رهندي هئي.
سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار جي سڃاڻپ ميڪل ڊبليو چيري جي نالي سان ٿي آهي جيڪو زوئي جي ماءُ سان سندس گهر ۾ رهندو هو پر سندس زوئي ۽ سندس ماءُ سان ڪو رشتو واضح ناهي.
پوليس زوئي جي ماءُ کي به حراست ۾ ورتو آهي جنهن ڌيءُ کي تشدد ڪري گهران ڪڍڻ جو اعتراف به ڪيو.
ٻئي پاسي جوابدار کي 20 لک ڊالر جا مچلڪا جمع ڪرائڻ تي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي پر کيس ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي.