لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاهور مان پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ملڪ سرفراز حسين کوکر پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سرفراز حسين کوکر 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي پي پي 173 تان ايم پي ايم چونڊيو ويو هو.
هن وڊيو بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي سبب پارٽي ڇڏي رهيو آهيان، پي ٽي آءِ جي پاليسي مُلڪي مفاد ۾ ناهي.
سندس چوڻ هو ته نوَ مئي جي پرتشدد واقعن باوجود پارٽي رياستي ادارن خلاف جارحاڻي بيانيي تي قئام آهي.
سرفراز حسين کوکر چيو ته تحريڪ انصاف جو بيانيو مُلڪي مفاد لاءِ نقصانڪار آهي انڪري پي ٽي آءِ کان لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو.