پاڪستاني يوٽيوبر جا را جي ايجنٽ سان رابطا، حساس معاملن تي ڳالهه ٻول ليڪ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهه ۾ رهندڙ يوٽيوبر ۽ ڀارتي شهري جي پاڪستان جي سيڪيورٽي معاملن جي مبينا آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

مبينا آڊيو ۾ يوٽيوبر ۽ روهت شرما نالي ڀارتي شهري پاڪستان جي سيڪيورٽي معاملن تي گفتگو ڪري رهيا آهن.

مبينا آڊيو ۾ ڀارتي شهري روهت شرما چيو ته شايد وفاقي ڪابينا ايمرجنسي لڳائڻ جو چيو آهي، اِهو ڪنفرم ناهي، جنهن تي يوٽيوبر چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف، ايئر چيف ۽ نيول چيف حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.

جنهن تي ڀارتي شهري چيو ته پاڪستان آرمي ٽيڪ اوور ڪري سگهي ٿي، مون کي اهڙيون خبرون ملي رهيون آهن.

ان تي يوٽيوبر چيو ته هو ( پاڪ آرمي ) ڌمڪي ضرور ڏئي رهي آهي ته ٽيڪ اوور ڪرڻو آهي، هو اِها ڌمڪي سُپريم ڪورٽ کي ڏئي رهيا آهن ته اسان ٽيڪ اوور ڪري وٺنداسين ۽ آرمي چيف جو پلان به آهي ته هو ڪنهن طريقي سان ٽيڪ اوور ڪري وٺي.

ٻئي پاسي دفاعي تجزيي نگارن گفتگو کي کِل جوڳو قرار ڏيندي چيو ته يوٽيوبر جا ڀارتي ايجنسي را سان رابطا آهن.

تجزيي نگارن چيو ته برطانوي سرڪار سندس خلاف ايڪشن وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.