پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي اختيارين آمريڪي ڪمپني ايپل طرفان آءِ فون 12 لاءِ جاري ڪيل سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
گذريل هفتي فرانس آءِ فون 12 جي اليڪٽرو ميگنيٽڪ شعاعن بابت ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ فون 12 جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس طرفان ايپل کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ملڪ ۾ موجود سمورا يونٽ واپس گهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جڏهن ته ٻين يورپي ملڪن خبردار ڪيو هو ته اهي به فرانس جي فيصلي جي آجيان ڪندي اهو قدم کڻي سگهن ٿا.
فرانس طرفان آءِ فون 12 بابت سامهون ايندڙ ڄاڻ کي چئلينج ڪندي ايپل واضح ڪيو هو ته نگران اداري (اي اين ايف آر) کي ڪمپني ۽ ٽياڪڙ ڌر طرفان ليب جا سمورا آزمائشي نتيجا جمع ڪرايا ويا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته ڊوائس سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي آهي.
پوءِ هلندڙ هفتي ايپل شعاعن بابت خدشن ختم ڪرڻ لاءِ فرانسيسي اختيارين کي پنهنجي آءِ فون 12 جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ فراهم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي فرانسيسي ڊجيٽل وزارت جي ذريعي تصديق ڪئي هئي.
فرانس طرفان آءِ فون 12 جي وڪري تي پابندي جي قدم بيلجيئم، جرمني ۽ نيڌرلينڊز ۾ به ڳڻتي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي هئي.
بيلجيئم طرفان به سافٽ ويئر اپ ڊيٽ جي درخواست ڪئي وئي هئي پر اپ ڊيٽ فرانس تائين محدود هئي.
You might also like