ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي اڄ رات برسات جي اهم اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين جبلن تي برفباري جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي.
موسميات کاتي موجب ڇنڇر جي ڏينهن اسلام آباد ۾ صبح جي وقت هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته ڏينهن جو موسم خشڪ رهندي.
خيبرپختونخواهه جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ رهڻ ۽ چترال، دير، سوات، ڪوهستان، شانگله ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندي، ٻئي طرف صبح جي وقت مري، گليات، راولپنڊي، اٽڪ، چکوال ۽ جهلم ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ ڏکڻ بلوچستان جي ضلعن ۾ گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.