ڪراچي جون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن شروعاتي تڪ بندين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
شروعاتي تڪ بندين جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن موجب تڪ بندين جا نقشا به ويب سائيٽ تي موجود آهن.
شروعاتي رپورٽ ۾ ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 22 آهي، جڏهن ته ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 47 آهي.
ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي جي سيٽن جو انگ 21 ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 44 هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.