آسٽريليا وائيٽ واش کان بچي ويو، ڀارت کي آخري ون ڊي ۾ 66 رنسن تان شڪست

راج ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا آخري ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 66 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ سيريز 1-2 تان ڀارت جي نالي رهي.
راج ڪوٽ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ آسٽريليا اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 352 رنسون ٺاهيون.
مچل مارش 96، اسٽيون سمٿ 74، لبوشين 72، ڊيوڊ وارنر 56 رنسن جي اننگز کيڏي، ڀارت جي جسپريت بمرا 3 ۽ ڪلديپ يادو 2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم 49.4 اوورن ۾ 286 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان روهت شرما 81، ويرات ڪوهلي 56 ۽ شرياس ائير 48 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
آسٽريليا جي گلين ميڪسويل بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم شروعاتي ٻنهي ميچن ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز اڳ ئي پنهنجي نالي ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.