”ضايع ڪيل کاڌي مان فائدو ورتو ويندو“ سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ضايع ٿيندڙ کاڌي کي پيداواري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ طرفان ضايع ٿيندڙ کاڌي کي پيداواري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
اختيارين موجب پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي جي 10 وڏين فوڊ اسٽريٽ مان ضايع ڪيل کاڌو گڏ ڪيو ويندو، جڏهن ته فوڊ انڊسٽريز مان به مدي خارج کاڌي پيتي جون شيون جمع ڪيون وينديون.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جون ٽيمون ضايع ڪيل کاڌو کڻنديون ۽ ري سائيڪلنگ کانپوءِ خوراڪ کي ڀاڻ طور استعمال ڪيو ويندو.
سنڌ فوڊ اٿارٽي چيو آهي ته ان قدم جو بنيادي مقصد ضايع ڪيل کاڌي کي پيداواري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ آهي، منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن جو سهڪار گهربل آهي.
ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.