ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽوڪر ڪنول آفتاب جي ملائيشيا ۾ سرفنگ ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
ٽڪ ٽاڪر زال مڙس ذوالقرنين سڪندر ۽ ڪنول آفتاب هن وقت ملائيشيا ۾ موڪلون گذاري رهيا آهن ۽ ڪنول آفتاب مسلسل سياحتي هنڌن تي ورتيل تصويرون ۽ وڊيوز پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوسٽ ڪري رهي آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا.
هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ سرفنگ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ حيرت انگيز طور تي پاڻ کي سرف بورڊ تي بيلنس ڪري ٿي ۽ ماهراڻي انداز ۾ سرف ڪندي نظر اچي ٿي.
وڊيو سان گڏ ڪيپشن ۾ ڪنول آفتاب لکيو ته ”هر ڪنهن کي هن جاءِ تي اچڻ گهرجي، سواءِ سرفنگ جي ماهرن جي.“
انٽرنيٽ واهپيدار سندس سرفنگ جي مهارت تي حيرانگي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ خوشي جو اظهار به ڪري رهيا آهن.
View this post on Instagram