نگران حڪومت جي سيٽ اپ کانپوءِ اليڪشن جي تيارين جي حوالي سان مختلف سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ وفاداريون تبديل ٿيڻ وارو ماحول شروع ٿي ويو آهي.
پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ سميت سمورين سياسي پارٽين اليڪشن جي ميدان ۾ پاڻ ملهائڻ لاءِ هاڻي کان ئي شروعات ڪري ڇڏي هئي. نواز شريف به ملڪي ماحول ۾ نرمي محسوس ڪندي وڏي عرصي کانپوءِ ڏيهه واپس اچڻ جو اعلان ته ڪيو پر لڳي نٿو ته اهو سندس لاءِ ايترو سولو بڻبو.