ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنهن به عورت جو اميد سان هجڻ نه رڳو سندس لاءِ پر ان جي اولاد لاءِ به انتهائي اهم ۽ نازڪ مرحلو هوندو آهي.
بدقسمتي سان گهٽ علمي ۽ بي بنياد ڳالهين سبب عورتن کي مسلسل آرام جو چيو ويندو آهي يا وري صحت جو خيال رکڻ جو چئي زبردستي کارايو پيئاريو ويندو آهي جيڪو غلط آهي.
اسان هتي ڳورهاري عورتن کي ڪجهه اهم مشورا ڏئي رهيا آهيون، جن تي عمل ڪرڻ سان انهن کي غير معمولي فائدا ٿي سگهن ٿا.
آرام نه پر ڪجهه ڪم
تمام ضروري آهي ته ڳورهاري عورت روز 30 منٽ واڪ ڪري، ان سان ماءُ ۽ ٻار ٻئي صحتمند رهندا آهن، هڪ تحقيق موجب حمل دوران وچئين درجي جي محنت سان ٻار جا ڦڦڙ مضبوط ٿيندا آهن.
پاڻي ۽ خوراڪ
ڳورهاري عورتن کي وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ گهرجي ۽ سڄي ڏينهن ۾ 5 کان 6 ڀيرا وقفي وقفي سان غذائيت سان ڀرپور کاڌا کائڻ گهرجن، کاڌي ۾ ميون ۽ سبزين جو مناسب استعمال ڪيو وڃي.
دوا کائڻ ۾ احتياط
حمل دوران ڪنهن جي چوڻ يا تجويز ڪرڻ تي دوائون کائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ياد رهي ته هر دوا جو پنهنجو ڪيميائي اثر هوندو آهي، جيڪو توهان کي نقصان به پهچائي سگهي ٿو.