ايمان مزاري ڪيس: سسٽم کي مڪمل طور وائکو ٿيڻ ڏيو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي سزا معطلي وارين اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته ”سسٽم کي مڪمل طور ايڪسپوز ٿيڻ ڏيو، سسٽم مان ڪيس غائب ٿي سگهي ٿو، اسان نه، اسان هتي موجود آهيون،سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهيءَ ۾ ٻن رڪني بينچ ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي سزا معطلي وارين اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موڪلون ڪيستائين آهن؟ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 سيپٽمبر کان باقاعده ڪم شروع ڪندي. ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته سزا معطلي واريون اپيلون ٻڌڻ جوڳيون ناهن.جسٽس اشتياق ابراهيم پڇاڻو ڪيو ته  ٻڌڻ جوڳيون نه هجڻ جو قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي؟“وڪيل فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ٻن هفتن اندر سزا معطلي وارين اپيلن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ڪيو ويو.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پنهنجو سسٽم آهي ۽ ڪيس ان ئي سسٽم موجب مقرر ٿيندا آهن.جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سسٽم تي اسان کان ڪا راءِ نه ئي وٺو ته بهتر آهي.“فيصل صديقي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اوچتو 8 سيپٽمبر لاءِ ڪيس مقرر ٿي ويو آهي. جڏهن به سپريم ڪورٽ فيصلو ڪرڻ واري هوندي آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس مقرر ٿي ويندو آهي.جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ”فيصل صديقي صاحب، سسٽم کي مڪمل طور ايڪسپوز ٿيڻ ڏيو.“فيصل صديقي چيو ته اڃا ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿي، ائين نه ٿئي جو سسٽم مان ڪيس ئي غائب ٿي وڃي.جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته ”سسٽم مان ڪيس غائب ٿي سگهي ٿو، اسان نه. پريشان نه ٿيو، اسان هتي موجود آهيون، زندگي رهي ته اڳتي به موجود هونداسين.“ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي سزا معطلي جون درخواستون 8 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون

You might also like