ڪراچي کان دبئي ويندڙ مسافرن وٽان وڏي مقدار ۾ پرڏيهي ڪرنسي هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي کان دبئي ويندڙ مسافرن وٽان وڏي مقدار ۾ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي.

ڪسٽمز اختيارين موجب هڪ ئي خاندان جي 6 ڀاتين وٽان 55 هزار آمريڪي ڊالر ۽ 9 لک 50 هزار رپيا هٿ ڪيا ويا.

ڪسٽمز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرنسي ڊڪليئر نه ڪرڻ تي ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت ڪارروائي ڪئي وئي. هڪ ئي خاندان جي 6 ماڻهن وٽان اسٽيٽ بينڪ طرفان مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ پرڏيهي ڪرنسي هٿ آئي.

اختيارين چيو ته ڪرنسي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي.

You might also like