اسڪولن، اسپتالن ۽ رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ آمريڪا جي مايوسي جو ثبوت آهي: ابراهيم عزيزي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته ميناب اسڪول، ٻارن جي ڪينسر اسپتال اهواز ۽ رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ آمريڪا جي مايوسي جو ثبوت آهي.

ابراهيم عزيزي چيو ته ايران 12 ڏينهن واري جنگ ۽ جنگِ رمضان ۾ ڪامياب رهيو آهي، جڏهن ته ڏاکڻو ايران هميشه ملڪ جي دفاع جو مضبوط قلعو رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته دشمن ڄاڻي ڇڏي ته ايراني هٿياربند فوج بيگناهن جو رت وهائڻ کي هرگز نظرانداز نه ڪندي ۽ دشمنن جا ڏينهن اونداهه ڪري ڇڏيندي.

You might also like