ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي جهازن کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو آهي.
فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب پاسداران پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها ڪارروائي رات دير سان ٿيل آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي.
بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته حملن ۾ آمريڪي ريفيولنگ جهاز ۽ جنگي جيٽ تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻين جهازن کي سخت نقصان پهتو.
پاسداران، اردن جي عوام کي به اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ملڪ ۾ آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائين.