واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران مون کي قتل ڪرڻ يا قتل جي ڪوشش واري ڌمڪي تي عمل ڪيو ته ان جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا.
هن چيو ته ايران ڏانهن هڪ هزار ميزائل نشانو بڻائي تيار رکيا ويا آهن، ۽ جيڪڏهن ايران اهڙي ڪوشش ڪئي ته وڌيڪ هزارين ميزائل فائر ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پوڻ تي آمريڪي فوج کي ايران جي سڀني علائقن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جا حڪم اڳ ئي ڏنا ويا آهن.