اسيمبلي جون ڪارروايون ”پيپر ليس“ هونديون، ميمبرن لاءِ جديد ٽيبليٽس لڳي ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ)اسيمبلي جي ڪارروائي کي ڪاغذن کان پاڪ (پيپر ليس) بڻائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ميمبرن لاءِ جديد ٽيبليٽس لڳايا يا ويا آهن.

لاهور مان پنجاب اسيمبلي جي ترجمان موجب، صوبائي اسيمبلي جو ايندڙ اجلاس مڪمل طور پيپر ليس هوندو. يورپي يونين جي آءِ پي 5 پروگرام تحت پنجاب اسيمبلي کي 380 ٽيبليٽس فراهم ڪيا ويا آهن.

ترجمان موجب، هي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (پي آءِ ٽي بي) طرفان قانون کاتي ۽ اسيمبلي جي آءِ ٽي ٽيم جي صلاح مشوري سان تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا رڳو اسيمبلي جي ڪارروائي لاءِ مخصوص آهي.

چوڌري عامر حبيب موجب، هن فيصلي سان گرين انرجي جي تصور تحت توانائي جي بچت به ممڪن ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.