بلاول ڀُٽو آرمي چيف لاءِ دعاگو: جنگ جو بار سڄي دنيا برداشت پئي ڪري: چيئرمين پيپلزپارٽي

اسڪردو(ويب ڊيسڪ)بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو دعاگو آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ فيلڊ مارشل جون ڪوششون ڪامياب ٿين.

اسڪردو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل چونڊن دوران هن گلگت بلتستان جو دورو ڪيو هو ۽ جي بي جي ضلعن ۾ جيترو هو ويو آهي، اوترو ٻيو ڪو به سياستدان نه ويو آهي.

هن چيو ته ايران ۾ علي خامنه اي کي شهيد ڪيو ويو، اهڙين حالتن ۾ هتي چونڊ مهم هلائڻ مناسب نه سمجهيو.

پي پي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته هو دعاگو آهي ته جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ فيلڊ مارشل جون ڪوششون ڪامياب ٿين. امن لاءِ ڪيل ڪوششن جو ڪامياب ٿيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ايران سان گڏ سڄي دنيا جا ماڻهو به جنگ جو بار برداشت ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ئي اها واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي ڪري ٿي. هن سوال ڪيو ته اها ڪهڙي معاشي پاليسي ۽ ترقي آهي، جنهن ۾ امير وڌيڪ امير ٿيندا وڃن.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) اسلام آباد جو اهو واحد ادارو آهي، جيڪو هر غريب جي گهر تائين پهچي ٿو.

هن چيو ته بي آءِ ايس پي خلاف سياسي پارٽين جون سازشون ناڪام ٿينديون ۽ بجيٽ ۾ وزيراعظم بي آءِ ايس پي جي فنڊن ۾ واڌ جو اعلان ڪندو.

پي پي پي چيئرمين چيو ته ايٽم بم جو پروگرام ذوالفقار علي ڀٽو ڏنو، جڏهن ته ميزائل ٽيڪنالاجي بينظير ڀٽو ڏني. هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان کي اڳ ”اتر وارا علائقا“ چيو ويندو هو، جڏهن ته ”گلگت بلتستان“ جو نالو آصف علي زرداري ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.