گڏيل عرب ارمارتن جي صدارتي صلاحڪار انور قرقاش چيو آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام اسان لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي صدارتي صلاحڪار چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جو هڪ ٻيو مرحلو صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيندو.
هن چيو ته آبناءِ هرمز ۾ ڪنهن به تبديلي جا نه رڳو علائقي پر يورپ تي به سخت اثر پوندا، يورپ کي آبناءِ هرمز واري معاملي کي پنهنجي توانائي ۽ واپار واري معاملي طور ڏسڻ گهرجي.
انور قرقاش چيو ته سفارتي رستو ڳولڻ انتهائي اهم آهي، پر سفارتي رستو اهڙي قيمت تي نه هجڻ گهرجي، جنهن سان مستقبل ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿين، اسان سياسي حل چاهيون ٿا، پر خدشو آهي ته سياسي حل علائقي ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو.
صدارتي صلاحڪار چيو ته ايراني ايٽمي پروگرام اڳ اسان جي ٻي يا ٽين وڏي ڳڻتي هوندو هو، پر هاڻي اها پهرين وڏي ڳڻتي بڻجي چڪي آهي، ايران وٽ موجود هر هٿيار استعمال ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.
انور قرقاش چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا ڪنهن به قومي دفاعي نظام جي ڪرنگهي جي هڏي بڻجي چڪا آهن، آمريڪا هر خليجي ملڪ جي اندازن ۾ اڳ کان وڌيڪ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم ڇڏڻ بابت گڏيل عرب امارتون گذريل ٽن سالن کان سوچي رهيو هو.