ڪراچي (رپورٽر ) مزدورن جي ٽريڊ يونين تنظيمن جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم طرفان ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب جي ابراهيم جليس هال ۾ پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي "پهرين مئي ۽ عالمي انساني حق” جي موضوع تي هڪ ويهڪ ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڪندي اقتصادي ماهر قيصر بنگالي چيو ته پاڪستان ۾ مزدورن ۽ ملازمن کان ٽريڊ يونين سياست ڪرڻ جو حق کسيو ويو آهي ،ملڪ جي عسڪري ادارن ۾ سول ملازمن کي به پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي، هن چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم بعد ڪورٽن کي وقت جي حاڪمن جو غلام بڻايو ويو آهي، ميڊيا قيد ۾آهي، شاگرد يونين تان بندش ختم نه ٿي سگهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال بدترين آهي، غربت وڌي رهي آهي ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ آهي، قيصر بنگالي چيو غربت جي بدترين ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪرڻي پوندي ۽ لکن جي تعداد ۾ روڊن رستن تي نڪرنو پوندو، ٽريڊ يونين مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته موسمياتي تبديلي مزدورن ۽ هارين لاءِ زندگي موت جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ درياهه کي قتل ڪيو ويو آهي، ماحولياتي تبديلين ڪري غريب ملڪن جي تباهي سرمائيداري نظام جي بدترين شڪل اختيار ڪئي آهي، عورت اڳواڻ مهناز رحمان چيو ته عالمي موسمياتي تبديليءَ جو وڏو شڪار غريب طبقو ۽ عورتون آهن ،هن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ گرميءَ پد جو هڪ حل سولر نظام جو انقلاب ۽ متبادل توانائي حاصل ڪرڻ جا ذريعا آهن، انساني حقن جي اڳواڻ قاضي خضر چيو ته ملڪ جي غريب طبقي جا 60 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، جنهن ۾ 56 سيڪڙو ڇوڪرين جو تعداد آهي، هن چيو ته ملڪ جي مزدورن جي اڪثريت کي سماجي تحفظ حاصل نه آهي، ڪراچي جي وليڪا اسپتال مزدورن جو علاج ڪرڻ بدران موت ورهائي رهي آهي،