اتر ڪوريا جو هلندڙ مهيني چوٿون ميزائل تجربو

اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر بيلسٽڪ ميزائل تجربو ڪندي ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا جي فوج موجب ميزائل اتر ڪوريا جي اوڀر سامونڊي شهر سنپو ڀرسان مقامي وقت موجب صبح 6 لڳي 10 منٽن تي فائر ڪيا ويا ۽ تقريبن 140 ڪلو ميٽر تائين اڏام کانپوءِ سمنڊ ۾ ڪِريا.
رپورٽ موجب اهو هلندڙ مهيني اتر ڪوريا طرفان چوٿون، جڏهن ته هلندڙ سال ستون ميزائل تجربو آهي.
ميزائل تجربي تي ڏکڻ ڪوريا جي صدارتي آفيس بليو هائوس ۾ هنگامي سيڪيورٽي اجلاس سڏايو ويو ۽ تجربن کي شرپسندي قرار ڏيندي چيو ويو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.