آبناءِ هرمز جي ناڪابندي: ايران جو سخت موقف سامهون اچي ويو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج آبناءِ هرمز، نار فارس ۽ عمان سمنڊ ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان سخت موقف اختيار ڪري ورتو.
ايراني فوج چيو آهي ته ملڪي سلامتي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ نوان قدم به کنيا پيا وڃن.
ايراني ڪمانڊ جي ترجمان موجب اهڙا تيل بردار يا بحري جهاز جيڪي ايران جي دشمن ملڪن سان واسطو رکن ٿا، انهن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز مان گذرندڙ سڀني جهازن کي ايراني اختيارين سان رابطو ۽ هم آهنگي ڪرڻي پوندي ته جيئن سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي.
ايراني فوج چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ ايراني بحري جهازن خلاف آمريڪي ناڪابندي جاري رهي ته نار، عمان سمنڊ ۾ درآمدن ۽ برآمدن جي اجازت نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.