ايران سان جنگ ختم ٿيڻ واري آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف جاري جنگ جلد ختم ٿيڻ واري آهي ۽ حالتون تيزي سان ڪنهن معاهدي ڏانهن وڌي رهيون آهن.
هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منهنجي خيال ۾ جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، مان ان کي تقريبن ختم سمجهان ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن آمريڪا جنگ نه ڪري ها ته ايران هن مهل تائين جوهري هٿيار حاصل ڪري چڪو هجي ها، آمريڪي ڪارروائين ايران جي جوهري عزمن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايران جي حملن تي نار ملڪن کي وڏو جهٽڪو لڳو، انهن کي اميد نه هئي ته ايران مٿن حملا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.