حڪومت اڄ تائين ناهي ٻڌايو ته سعودي سان ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي: بيرسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان کي حڪومت اڄ تائين ناهي ٻڌايو ته سعودي عرب سان ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي پر اسان کي حرمين شريفين جي حفاظت جي معاهدي تي فخر آهي.
اڊيالا روڊ تي صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته 2025 کانپوءِ پاڪستان جو اسٽيٽس گهڻو تبديل ٿيو آهي، جنهن انداز سان دنيا پاڪستان کي ڏسي رهي آهي، آمريڪا ۽ يورپ جي پاڪستان ڏانهن اپروچ تبديل ٿي آهي، اهو سڀ پاڪستاني عوامي جي يڪجهتي، حمايت ۽ پاڪ فوج جي بهادري سبب ٿيو آهي.
هن چيو ته خطي ۾ جنگ سان ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، سمجهون ٿا ته جنگ نه ٿيڻ گهرجي ها، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان بهترين ڪردار ادا ڪري پر اسان کي ٻڌايو ته سهي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، توهان جيڪا ٽياڪڙي ڪري رهيا آهيو اها ڪهڙي مرحلي تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.