راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ايران جا سعودي عرب تي حملا پرامن ذريعي تڪرار جي حل جي مخلصاڻي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 274هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سعودي عرب تي تازن حملن جي مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته سعودي عرب اڃا تائين صبر ۽ محتاط رويي جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن سان ٽياڪڙي ۽ سفارتي حل جو رستو کليو آهي.
ڪور ڪمانڊرز چيو ته سعودي عرب تي حملا هڪ غير ضروري ڇڪتاڻ آهي، ان نوعيت جا حملا ۽ بنا جواز جارحيت پرامن ڪوششن ۽ سازگار ماحول کي متاثر ڪن ٿيون.
فورم وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ اصولي سفارتڪاري لاءِ پرعزم آهي، هڪ ذميوار اسٽيڪ هولڊر طور پاڪستان علائقائي سلامتي جي استحڪام لاءِ فعال ريجنل سيڪيورٽي اسيبلائزر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ايران جا سعودي تي حملا تڪرار جي حل جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيا آهن: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس
You might also like