اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڀرپور سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پر تازي اڳڀرائي امن ڪوششن کي سخت نقصان پهچايو آهي.
سينيٽ ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته گذريل رات کان اڳ تمام گهڻا پراميد هئاسين پر خطرناڪ اڳڀرائي حالتن کي ٻيهر ڇڪتاڻ وارو بڻائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته جڏهن ٻئي ڌريون ڳالهين جي ميز تي ويهڻ جي ويجهو هيون ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ايران سعودي عرب جي شهر جبيل ۾ تيل جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، جنهن سان امن عمل کي سخت نقصان رسيو.
سندس چوڻ هو ته ايران ۽ آمريڪا ويهڻ لاءِ تيار هئا، اسرائيل ڳالهيون ڪامياب ڏسي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، پاڪستان اهو واحد مسلم ملڪ آهي، جنهن ايران تي حملي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي.
ايران ۽ آمريڪا ويهڻ لاءِ تيار هئا، اسرائيل ڳالهيون ڪامياب ڏسي وڏو حملو ڪري ڇڏيو: اسحاق ڊار
You might also like