آبناءِ هرمز مان جهاز گذرڻ سبب تيل سستو نه ملندو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان جهاز گذرڻ سبب تيل مفت يا سستو نه ملندو.
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته 28 فيبروري کان اڳ ڪروڊ آئل جي قيمت ۽ اڄ جي قيمت ۾ گهڻو فرق آهي.
هن چيو ته پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپن سبب جهاز ڪڍيا ويا پر تيل مفت يا سستو نٿا ڏئي سگهون، جهاز گذرڻ سبب اڄ ملڪ ۾ تيل موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا تي کليل عدالت ۾ ڪرپشن جو ڪيس هلائي ڏسو، احتجاج جمهوري حق آهي ڀلي ڪيو پر هن وقت دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن.
هن چيو ته دنيا جون وڏيون وڏيون معيشتون ٻڏي ويون پر اسان جون حالتون ڪيترن ئي ملڪن کان بهتر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.