ملڪ خاطر جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان: ايراني صدر جو جذباتي پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته مان پنهنجي ملڪ جي دفاع خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته هيل تائين هڪ ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ايراني شهري ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي تياري ظاهر ڪري چڪا آهن.
هن چيو ته ايراني عوام تحد ٿي ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي، مان به ايران لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.