ايراني حملن اسرائيل کي ڌوڏي ڇڏيو، آئرم ڊوم ناڪام، ڪيئي علائقن ۾ باهه لڳي وئي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۾ ايراني ميزائلن جي شديد حملن ۾ ڪيئي علائقا نشانو بڻايا ويا ۽ اسرائيلي ايئر ڊفينس سسٽم آئرن ڊوم ڪيترائي ميزائل روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
ترڪ ميڊيا موجب، تل ابيب ۾ زوردار ڌماڪن کانپوءِ شهر جي ڪيترن علائقن ۾ باهه لڳي وئي، سوين ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته ڪيئي شهرين جي مارجڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته حملن جي نقصانن جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، اسرائيلي اختيارين سخت سينسر پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ متاثر هنڌن جي ويجهو ميڊيا کي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.