ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار وجئه ديورا ڪونڊا ۽ اداڪارا رشميڪا مندانا پرڻي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب، وجئه ديورا ڪونڊا ۽ اداڪارا رشميڪا مندانا جي شادي هلندڙ مهيني 26 هين فيبروري تي ڀارتي رياست راجسٿان جي تاريخي شهر اُديپور ۾ ٿيندي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شادي جي خانگي تقريب ٿيندي جنهن ۾ جوڙيءَ جا دوست ۽ ويجها مائٽ شرڪت ڪندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شاديءَ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن رهيا آهن، شاديءَ جون تياريون تيزيءَ سان جاري آهن، حيدرآباد دکن ۾ اداڪار جي رهائش کي به ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي.
واضح رهي ته وجئه ۽ رشميڪا گذريل سال 3 آڪٽوبر تي مڱڻو ڪيو هو ۽ ويجهڙ اداڪار جي شاديءَ جو ڪارڊ به سامهون آيو آهي.