دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي سپر ايٽس لائين اپ مڪمل ٿي وئي آهي، ٽورنامينٽ جو اڳيون مرحلو 21 فيبروري کان شروع ٿيندو.
ٽورنامينٽ جي اڳئين مرحلي لاءِ ٽاپ اٺ ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.
سُپر ايٽ مرحلي جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪولمبو جي آر پريماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شام ساڍي ڇهين وڳي کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ جي شريڪ ميزبان سريلنڪا 22 فيبروري تي پاليڪيلي جي ميدان تي انگلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن احمدآباد ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا آمهون سامهون ٿيندا.
شيڊيول موجب، 23 فيبروري تي ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ ويسٽ انڊيز ۽ زمبابوي جو مقابلو ٿيندو، 24 فيبروري تي پاڪستان ٻيهر ايڪشن ۾ نظر ايندو جتي ان جو انگلينڊ سان ٽاڪرو ٿيندو.
سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ 25 فيبروري تي، 26 فيبروري تي ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا، جڏهن ته ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ ميچون شيڊيول آهن.
ان کانسواءِ 27 فيبروري تي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ، 28 فيبروري تي پاڪستان ۽ سريلنڪا آمهون سامهون ٿيندا.
پهرين مارچ تي زمبابوي ڏکڻ آفريڪا سان ۽ ڀارت ويسٽ انڊيز سان مقابلو ڪندو.
واضح رهي ته ٻنهي گروپن مان ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.