توهان جي خيال ۾ خوش زندگي گذاريندڙ ڪنهن جوڙي جي ڪامياب تعلق پويان ڪهڙو راز هوندو آهي؟
اهو راز سمهڻ جي وقت ۾ لڪيل آهي! گهٽ ۾ گهٽ هڪ نئين تحقيق ۾ ته اها ئي دلچسپ دعويٰ سامهون آئي آهي.
ٽالڪر ريسرچ نالي آمريڪي اداري جي هڪ تحقيق موجب جڏهن زال مڙس جي سمهڻ جو وقت ساڳيو هوندو آهي ته گڏيل تعلق وڌيڪ مضبوط هوندو آهي.
ان تحقيق ۾ ٻه هزار شادي شده جوڙن جي سمهڻ جي وقت جو جائزو ورتو ويو ۽ ڏٺو ويو ته مڙس ۽ زال جي سمهڻ جي وقت ۾ ڪيترو فرق آهي ۽ ان جا گڏيل تعلق تي ڪهڙا اثر پون ٿا.
محققن موجب اها عام ڳالهه آهي ته ڪڏهن مڙس جلدي سمهي پوندو آهي ته ڪڏهن زال، سراسري طور اڪثر جوڙن جي سمهڻ جي وقت ۾ 80 منٽن جو وقفو هوندو آهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جن جوڙن جي سمهڻ جي وقت ۾ فرق گهٽ هوندو آهي، اهي پنهنجي شادي شده زندگي مان وڌيڪ مطمئن هوندا آهن.
ان سان گڏوگڏ سمهڻ جا طريقا هڪجهڙا هجڻ سان به زال مڙس جو گڏيل تعلق مضبوط ٿيندو آهي.
محققن موجب اسان اهو نٿا چئون ته ائين ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته گڏيل تعلق کي مضبوط بڻائڻ جا ڪيترائي ذريعا موجود آهن پر نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته گڏيل تعلق جي حوالي سان ننڊ به هڪ اهم عنصر آهي.
You might also like