پشاور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ سڀاڻي 19 فيبروري تي پهريون روزو هوندو.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان جي مختلف حصن ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، سڀاڻي خميس 19 فيبروري تي پهريون روزو هوندو.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت، سپارڪو، موسميات کاتي ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وزارت جي نمائندن به شرڪت ڪئي.
پشاور کانسواءِ اسلام آباد ۽ ٻين صوبائي تخت گاهن ۾ به زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا.
You might also like