26 نومبر احتجاج ڪيس: بشريٰ بي بي کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم، عليما خان جا وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي، سندس خلاف رمنا ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.
هوڏانهن راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مسلسل غير حاضري سبب عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت عليما خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي پوليس کي وارنٽ تي عملدرآمد تي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.